صداقت القرآن بجواب ستيارٿ پرڪاش

صداقت القرآن بجواب ستيارٿ پرڪاش

صداقت القرآن بجواب ستيارٿ پرڪاش

صداقت القرآن بجواب ستيارٿ پرڪاش (ڪتاب): هيءُ ڪتاب آريه سماج جو پايو وجھندڙ سوامي ديانند مهاراج جي لکيل ڪتاب ‘ستيارٿ پرڪاش’ جو جواب آهي، جيڪو 1937ع ۾ شريمتي آريه پرتينڌي سڀا سنڌ ڪراچيءَ ڇپائي پڌرو ڪيو. ان ڪتاب جي چوڏهين سملاس ۾ الله تعاليٰ، رسول پاڪ، قرآن پاڪ ۽ مسلمانن لاءِ تلخ موقف پيش ڪيو ويو. جنهن جي هڪ هڪ اعتراض جو جواب محمد بخش واصف وڏي محنت ۽ تاريخي دليلن جي روشنيءَ ۾ ڏنو آهي. هيءُ جواب ميرپورخاص مان نڪرندڙ هفته وار رسالي ’مسلمان‘ ۾ قسط وار ٽن شمارن ۾ شايع ٿيو. انهن جوابي مضمونن کي بعد ۾ ڪتابي شڪل ڏني وئي. هيءُ ڪتاب سال 1943ع ۾ هاشمي اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس، اسٽيشن روڊ حيدرآباد، سنڌ ڇپيو. ڪرائون سائيز ۾ ڇپيل 282 صفحن تي مشتمل. هي ڪتاب سنڌالاجي ۾ محفوظ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو